پدن شرما

پدن شرما: ليکڪ ۽ اداڪار پدن شرما جو جنم 20 جولاءِ 1942ع ڌاري خيرپور ۾ ٿيو. تعليم ايم. اي ۽ ايل ايل بي اٿس. سندس خاص لاڙو ڪهاڻيءَ ڏانهن رهيو آهي. اداڪار طور ڪيترن سنڌي ۽ هندي ناٽڪن: ’گهر جمائي‘، ’انوکي ڪهاڻي‘، ‘هيءُ ڇا ٿيو‘، ’تنهنجو ئي آڌار‘ (سنڌي) ۽ ’هم وطن‘ (هندي) وغيره ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. سندس ڪجهه ڪهاڻيون ’سنڌو سماچار‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.


لفظ پدن شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو